شعيب لاکيار عرف لاخيال بودلو مخدوم

شعيب لاکيار عرف لاخيال بودلو، مخدوم: مخدوم شعيب لاکيار، هالا ڪنڊي ضلعي مٽياريءَ جو مشهور بزرگ ۽ مخدوم نوح جو استاد ٿي گذريو آهي. هيءُ اڪثر وقت رياضت ۾ گذاريندو هو، اڪيلائيءَ ۾ ويهي عبادت ڪندو رهندو هو، ان ڪري درويش لاخيال جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو. روايت آهي ته هي بزرگ مخدوم نوح سروررح جي ولادت جي ڪجهه ڏينهن بعد کيس ڏسڻ لاءِ ويو ۽ ٻنڌڻن ۾ پيل مخدوم نوح کان روحاني طريقي سان تقليد حاصل ڪيائين. پوءِ مخدوم نوح ننڍپڻ ۾ ميان شاهه ڏني ۽ مخدوم عربيءَ سان گڏوگڏ مخدوم شعيب کان پڻ تعليم حاصل ڪئي ۽ هن درويش مخدوم نوح کي اها دعا ڪئي ته “اوهان جي پيڙهي قيامت تائين جاري رهندي....”مخدوم شعيب 917هه مطابق 1507ع ڌاري وفات ڪئي، کيس هالاڪنڊيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، پر پوءِ ان قبرستان کي ڪيترائي ڀيرا درياهه جي پائي وڃڻ سبب سندس لاش اتان ڪڍي هالا پراڻي جي اتر ۾ ملان سانوڻيءَ جي محلي جي ڏکڻ طرف دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو